ھن جھالت سٽيل سماج ۾ جتي ھر ھڪ انسان دھشتگردي جي ڌوڙ، ڪرپشن جي ڪن، مھانگائي جي مينھوڳي، ۽ ساڙ، حسد، ظلم، ڏاڍ، ڏک، ۽ دردن جي درياء ۾ ٻڏ تر جي ڪشمڪش جو شڪار آھي، اتي پنهنجي حق جي حصول ۽ صحيع ڳالھ جي لاء آواز اٿائي وڃي ته ان کي دٻائڻ جي لاء ننھن چوٽي جو زور لڳايو وڃي ٿو۔ ڪڏهن ان انسان کي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو وڃي ٿو ته ڪڏهن ان کي رشوت جي لالچ سان نوازيو وڃي ٿو ۽ ھر حال ۾ ان جي پر اميد خيالن کي نااميدي ۽ مايوسي جي دلدل ۾ ڌڪارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وڃي ٿي۔ اھڙن ئي رڪاوٽن جي ڪنڊن سان سجيل واٽ تي ھلي ڪري ئي ھڪ انسان جي اندر ھمت، جرئت، بھادري، ۽ دليري جا جوھر، ۽ ثابت قدمي ۽ مستقل مزاجي جون خصلتون جنم وٺنديون آهن۔ پو۽ ھڪ انسان رڪاوٽن جا ڏونگر ڏاري، مصيبتن جا سمنڊ پار ڪري، مشڪلاتن جي جبل جو سينو چيري، صبر ۽ استقامت جي راھ وٺي پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ ڏينهن رات ھڪ ڪري ڇڏيندو آھي۔ پو۽ ان جي لاء وقت ۽ فاصلو ڪا به اھميت نٿا رکن ۽ ان جي خيالن جو محور بس ھڪ ئي شئي ھوندي آهي ۽ اھو آهي ان جو "مقصد"۔ ھو روايتي خيالن جا سمورا بي جان بت توڙي ايترو ته اڳتي وڌي چڪو ھوندو آهي، جو ان جي لا۽ ماڻهن جا بوسيدہ ويچار ۽ نڪتا چيني وارو مزاج بي معني ٿي وڃي ٿو۔ ته پو۽ ڇا ٿو ٿئي؟ ڇا ھو پنهنجي منزل ماڻڻ م ڪامياب ٿئي ٿو يا وري انھن مصيبتن جي ورچڙھي پنهنجو پاڻ ھميشہ لا۽ وڃائي ڇڏي ٿو؟
جيڪڏهن اسين تاريخ جي سنھري ورقن تي نظر ڊوڙايون ته اسان کي معلوم ٿيندو ته اھڙن عظيم ماڻهن جي محنت ۽ جاکوڙ ڪڏهن به رائيگان نه ويندي آهي ـ فتح ۽ ڪاميابي جا خوبصورت گل ھر راھ تي انهن عظيم شخصيتن جي آڌرڀاء لا۽ موجود ھوندا آهن ـ ڪجهه آئنسٽائن، نيوٽن ۽ ڊارون وانگر دنيا کي پنهنجي شاندار تخليقن سان آراستا ڪن ٿا ته ڪي وري شيڪسپيئر، ڊڪنس ۽ جاھن ڪيٽس وانگر زندگي جي دردناڪ توڙي رنگين منظرن کي لفظن جي موتين جي شڪل ڏئي ھڪ لڙي ۾ پوئن ٿا ته ڪي وري استاد بخاري، شيخ اياز، جمال ابڙو ۽ امر جليل وانگر زندگي جي اڻ کٽ ڏاڍ، جبر، ۽ وحشتن جي اڪاسي ڪن ٿا ۽ ڪي وري ٻئي پاسي سقراط وانگر پنهنجي لياقت، قابليت ۽ فلسفاڻي خيالن جي مڃتا پنهنجي زندگي ۾ حاصل نه ڪري سگھندا آھن ـ چوڻ جو مقصد اھو آھي ته انسان جي مشقت ڪڏهن به ضايع نه ٿيندي آهي، بلڪہ اھا نا اميدي جي اونداهي ۾ اميد ۽ آس جو ڏيئو بڻجي ڪري جلندي آهي، ھڪ اھڙو ڏيئو جنهن جي روشني ست آسمان پار ڪري به پنهنجي اصل چمڪ برقرار رکندي آهي۔ ڇو ته اھو ڏيئو بھادر ۽ دلير شخص جي رت ۽ پگهر کي ٻارڻ بڻائي ٻرندو آهي ۽ اھا روشني ڪيترين ئي ايندڙ نسلن کي جھالت جي ڪارنھن مان آزادي ڏياري ۽ روشن خيالي جي ھڪ نئي جھان ڏانهن روشناس ڪرائي ٿي ـ
No comments:
Post a Comment